دُرِ نجف

دُرِ نجف

دُرِ نجف

دُرِ نجف: هڪ قسم جو پٿر، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Moonstone چيو ويندو آهي. هيءُ پٿر سفيد رنگ جي بلوري چمڪدار شيشي جهڙو ۽ گهڻو ڪري عراق جي شهر نجف ۾ ملي ٿو. هن پٿر جي فضيلت ڪيترن ڪتابن ۾ اچي چڪي آهي. اسـلامـي عـقـيــدي مـوجـب هـن پـٿـر جو رتبو مٿانهون ليکيو وڃـي ٿـو. عـراق ۾ هيءُ پٿر وڏي مقدار ۾ لڀي ٿو. زمين جي سـطـح تـوڙي زميـن اندر در نجف موجود آهي. نجف شهر جي بازارن ۾ هن جا ٻه قسم ملن ٿا. هڪ در نجف بري ۽ ٻيو در نجف بحري.
بحري در نجف گھڻو سفيد ۽ براق هوندو آهي، جڏهن ته بري درنجف ۾ چمڪ گھٽ هوندي آهي. روايت آهي ته هڪ ڏينهن، مفضل بن عمر، در نجف جي منڊي پائي حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ته حضرت امام جعفر صادق عليه السلام فرمايو ته: ”اي مفضل! هن نگيني (داڻي) کي ڏسڻ سان خوشي حاصل ٿئي ٿي، اکين جي سور ۾ هي پٿر هر مؤمن توڙي مومنياڻيءَ لاءِ مفيد آهي. هن پٿر جو مزاج خوشي پيدا ڪندو آهي. ابو طاهر اهڙيءَ روايت کي جڏهن حضرت امام حسن عسڪري عليه السلام جي خدمت ۾ پيش ڪيو ته پاڻ اهڙي روايت جي تصديق ڪيائين.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو